Sunday , February 23 2025

سنڌ اسميبلي ۾ آبادگارن جي حقن لاءِ ته نه ٿو ڳالهائي سگهجي، شهلا رضا ڪمند جي اگهه بابت مخالف ڌر کي ڳالهائڻ نه ڌنو

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميبرن پاران سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگران کي مناسب اگهه نه ملڻ ۽ شگرملز وقت تي شروع نه ٿيڻ ڳالهائڻ چاهيو ته، ڊپٽي اسيپڪر شهلا رضا کين ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن تي مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ پنهنجين پنهنجين سيٽن تي چڙهي گوڙ ڪندا رهيا. ان دوران ئي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ نصرت سحر وچ ۾ ڏند چڪ ۽ بعد ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ به ٿي.

شهلا رضا نصرت سحر کي مخطاب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته اوهان جي سٺي ڪوريج ٿي رهي آهي، پٽ، جنهن تي نصرت سحر شهلا رضا کي امي جان سڏيو ۽ چيو ته امي جان منهنجو مائيڪ کولرايو. شهلا رضا موٽ ڏني ته جي پٽ هاڻ ڪم جي ڳالهه ڪريو. صوبائي وزير سهيل انور سيال ڪمند جي اگهن واري معاملي تي چيو ته ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي، معاملو جلد حل ٿي ويندو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي خرم شير زمان پاران ٽماٽن ۽ بصرن جي وڌندڙ اگهن تي التويٰ واري رٿ جمع ڪرائي جنهن جي نثار کهڙو مخالفت ڪندي چيو ته لڳي ٿو ته هي ايوان تحريڪ التويٰ لاءِ ٺهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *