ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نصرت سحر عباسي پيپلزپارٽي اڳواڻ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هڪ جج ڪوٽ ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي جي ڏائڻ 90 ارب رپيا کائي وئي آهي، ف ليگ ميمبر جي اهڙي جملي تي نصرت سحر عباسي ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نصرت سحر عباسي چيو ته شهيد بينظير آباد شهر جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي پر هڪ جج چيو هو ته لاڙڪاڻي جي ڏائڻ 90 ارب رپيا کائي وئي آهي. ان تي اسپيڪر آغا سراج دراني کيس چيو ته هو سڌي ريت سوال پڇاڻو ڪري، باقي اجائي ڳالهه نه ڪئي وڃي. نصرت سحر عباسي چيو ته هن ڪنهن جو به نالو نه کنيو آهي، باقي ڪنهن کي پريشاني ڇو ٿي رهي آهي، ف ليگ ايم پي اي، اسپيڪر کي چيو ته باقي ڳالهه چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک واري آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته رڙيون ڪرڻ سان مون تي ڪو به اثر نه پوندو، اوهان هميشه ايوان جي ڪارروائي ۾ رنڊڪ وجهنديون آهيو. نصرت سحر عباسي پاران لاڙڪاڻي جي ڏائڻ جو ذڪر ڪرڻ تي ايوان ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرز پاران احتجاج ڪيو ويو.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …