سنڌ جي دوري تي آيل وزيراعظم سنڌ حڪومت کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان سنڌ حڪومت کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ڪراچي پهتل عمران خان توڙي وفاقي حڪومت جي اختيارين دوري جي شيڊيول بابت وڏي وزير کي اطلاع ئي نه ڪيو. هڪ ڏينهن جي دوري تي رات دير سان ڪراچي پهتل وزيراعظم صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو وڏي وزير مراد علي شاهه  مرد علي شاهه کي اطلاع ئي نه ڪيو، نه ئي وفاقي حڪومت جي اختيارين وڏي وزير کي ٻڌايو. ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ تي وفاقي نمائندي ۽ سنڌ جي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن وزيراعظم جو استقبال ڪيو.  وزيراعظم گورنر هائوس ۾ گورنر عمران اسماعيل سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. عمران خان اڄ لاڙڪاڻي جو به دورو ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه کي ان دوري ۾ شرڪت جي به دعوت ناهي ڏني وئي.

https://sindhsamaachar.com/ur/%da%aa%d8%b1%d9%88%d9%86%d8%a7-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%a8%d8%a7-%da%86%d9%88%d9%bd-%da%86%da%99%d9%87%d9%8a%d9%84%d8%8c-%d8%a7%d9%86%da%8a%d8%b3-%d8%a7%d8%b3%d9%be%d8%aa%d8%a7%d9%84-300-%d9%85%d9%84/

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *