ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) 25 هين جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن ۾ سنڌ اندر پ پ پ جي واضع اڪثريت اچڻ بعد اڪيلي سِر سنڌ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي، پ پ پ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي عهدي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري پاران سيد مراد علي شاهه جي واضع طور اعولان جي باوجود به پ پ پ جي اندر هڪ گروپ مراد علي شاهه کي وڏ وزارت لاءِ نامزدگي تي پريشان هجڻ سان گڏ ناراض به آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي پيپلز پارٽي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ”مراد علي شاهه خلاف هڪ انتهائي طاقتور گروپ سرگرم آهي. هن ڀبيري مراد علي شاهه جو مخالف گروپ 15 کان 20 ميمبرن تي مشتمل آهي، پر ان گروپ جي اڳواڻي ڪندڙ 4 ميمبر انتهائي طاقتور آهن، جيڪڏهن اهي باقائدگي سان ميدان (اندروني سطح تي) ۾ لٿا ته، مراد علي شاهه کي پوئتي ڇڏي ويندا ۽ پنهنجي مقصد ۾ هاڻي کان ئي ڪامياب ٿي سگهن ٿا. پ پ پ جي ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته، پيپلز پارٽي پاران سنڌ جي وڏ وزارت مراد علي شاهه جي حوالي ڪرڻ لاءِ عارضي طور تي ته قبول ڪري رهيا آهن؛ پر انهن پنهنجي خواهش تان هٿ ناهي کنيو“.
سنڌسماءَچار پاران پ پ جي 7 اهم اڳواڻن کان مليل ڄاڻ مطابق، ”مراد علي شاهه جي مخالف گروپ جي دٻاءَ کانپوءِ ئي ئي بلاول ڀٽو زرداري اهو بيان جاري ڪيو هو ته، هن ڀيري وزيرن جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪئي ويندي ۽ جيڪو ڪابينا جو ميمبر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ته ان کي وزارت کان ڌار ڪيو ويندو ۽ ذميواريون ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري وزير ڪيو ويندو“. اهڙي موقف تي سنڌسماءَچاچار پاران ان سوال ته؛ ڇا ڪنهن وزير جي ڪارڪردگي جو احتساب ڪرڻ غلط ڳالهه آهي جو ان کي وڏي وزير کي هٽائڻ سان ڳنڍڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟؟. ان سوال جي جواب ۾ پ پ جي ٻن اڳواڻن جو جواب هو ته،