ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪرونا جي ڪيسن ۾ واڌ سبب سرڪاري اسپتالن ۾ آپريشنز تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. صحت کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسز ۽ اسپتالن ۾ مريضن جي وڏي انگ ۾ داخل ٿيڻ سبب وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۽ عام مريضن جون حياتيون بچائڻ لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ انتهائي ضروري آپريشنز کانسواءِ ٻين سمورن آپريشنز تي پابندي لڳائي وئي هئي جيڪا هاڻي ختم ڪئي وئي آهي. اڄ 8 سيپٽمبر 2021کان سڄي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ معمول موجب هر قسم جا آپريشنز ڪري سگهبا.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …