Wednesday , January 22 2025

سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي

سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي ماڻهن جا گهرڀاتي، ويجها مائٽ، دوست ۽ صحافي استعمال ڪرڻ لڳا، لڳ ڀڳ 18 لک 75 هزار رپين جو تيل به سرڪاري خزاني مان استعمال ٿيڻ لڳو

سيد مظفر حسين شاهه سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر هو ته هن 18سئو سي سي جي هڪ ڪار پنهنجي هڪ دوست کي ڏياري هئي، جيڪا اڄ تائين سندس استعمال  ۾ آهي، اهڙيون ٻيون به کوڙ ساريون گاڏيون آهن جن جو ته هاڻي ڪو اتوپتو ئي ناهي

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي، گاڏيون، ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي ماڻهن جا گهرڀاتي، ويجها مائٽ، دوست ۽ صحافي استعمال ڪرڻ لڳا، لڳ ڀڳ 18 لک 75 هزار رپين جو تيل به سرڪاري خزاني مان استعمال ٿيڻ لڳو. سنڌ حڪومت جي ملڪيت واريون 8سئو کان 3هزار سي سي گاڏيون غيرواسطيدار ڪامورن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽرن سميت انهن جي گهرڀاتين، ويجهن مائٽن ۽ دوستن جي استعمال ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي سنڌ حڪومت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، 800سي سي کان 3هزار سي سي تائين جون 50کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ڪامورا، سياستدان ۽ صحافين سميت ٻيا غيرواسطيدار ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن، اهڙين گاڏين جو تيل، مينٽيننس ۽ رپئرنگ جو خرچ به سرڪاري خزاني مان ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب پروٽوڪول، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، تعليم، مڪاني ادارن، قانون ۽ پارلياماني معاملن ۽ گهرو کاتي سميت مختلف کاتن جون گاڏيون انهن بااثر ڪامورن، سياستدانن ۽ سياسي ماڻهن جي دوستن ۽ ڪجهه گاڏين صحافين جي استعمال هيٺ آهن، جن مان اڪثر گاڏيون، انهن ماڻهن جي گهر وارين ۽ اولاد جي استعمال ۾ آهن، جيڪي گاڏيون ٻئي استعامل سان گڏ ٻارن کي  اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏانهن اچ وڃ طور استعمال ڪيون وڃن، ٿيون، ڪجهه گاڏيون ته سبزين جي خريداري، پڪنڪ پارٽين، ڌوٻين / ڊراءِ ڪلينرز جي دڪانن تي ڪپڙا کڻي وڃڻ ۽ کڻي اچڻ لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪامورن جي اولاد اُهي گاڏيون شهر جي مختلف رستن تي هاءِ اسپيڊ ريسنگ به ڪندي رهي ٿي، انهن مان ڪجهه گاڏيون حادثن جو ڪارڻ به بڻجن ٿيون پر اهڙا واقعا رپورٽ ٿيڻ کان به لڪايا وڃن ٿا.

(فائل فوٽو)

اهڙيون خبرون نه هلائڻ لاءِ ميڊيا جي ادارن تي دٻاءُ ۽ بليڪ ميل به ڪيو وڃي ٿو، بليڪ ميلنگ ۾ ادارن جا اشتهار بند ڪرڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه صحافي به ريگيولر ۽ ڪجهه صحافي عام موقعن توڙي عيد جي موقعي تي ڳوٺ اچڻ وڃڻ لاءِ به سرڪاري گاڏين استعمال ڪندا رهن ٿا. سنڌ حڪومت جي هڪ اڳوڻي پروٽوڪول آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، جيڪڏهن پنجاهه گاڏيون روزانو سراسري طور في گاڏي 50ليٽر تيل (پيٽرول، ڊيزل ) استعمال ڪري ته مينٽيننس سميت لڳ ڀڳ 18 لک 75 هزار رپيا خرچ ٿيندو. هن ٻڌايو ته غيرواسطيدار ماڻهن پاران سرڪاري گاڏيون استعمال ڪرڻ جو سلسلو وڏي وقت کان هلندڙ آهي. هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندي چيو ته جڏهن سيد مظفر حسين شاهه سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر هو ته هن 18سئو سي سي جي هڪ ڪار پنهنجي هڪ دوست کي ڏياري هئي، جيڪا اڄ تائين سندس استعمال  ۾ آهي، اهڙيون ٻيون به کوڙ ساريون گاڏيون آهن جن جو ته هاڻي ڪو اتوپتو ئي ناهي، اڪثر گاڏين تي گرين نمبر پليٽ بدران سرڪاري نمبر يليو نمبر پليٽ تي به استعمال ڪيو پيو وڃي.

سنڌي صحافي دوستن خاص طور ڪراچي ۽ اسلام آباد جي صحافين ڏانهن !! – اصغر آزاد

https://darodeewar.com/collections

About admin

Check Also

ڪراچي ۾ دهشتگردي، سينيئر وڪيل اڪرم ابڙو پٽ سميت قتل,2 ڄڻا مرڻينگ

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *