سنڌ حڪومت پاران هڪ مهينو اڳ جوڙايل روڊ اکڙڻ لڳو آهي، جنهن جو ڪنهن به اختياري نوٽيس ناهي ورتو.
نيشنل هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ جيڪو سنڌ حڪومت پاران ٺهرايو ويو آهي، ان ۾ غيرمعياري مٽيريل استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ مهيني اندر تباهه ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. روڊ جو لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه افتتاح ڪيو هو، جنهن جي افتتاحي تختي ته اڃا تائين جيئن جو تيئن پنهنجي آب و تاب سان جرڪي رهي آهي، پر روڊ هنڌان هڌان اکڙڻ لڳو آهي.