Sunday , February 23 2025

سنڌ حڪومت جو مثبت قدم، کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا مقرر

کدڙن فقيرن کي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي، انهن کي سماج جو ڪارائتو حصو بڻائڻ چاهيون ٿا: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت مثبت قدم کڻندي کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ ڏهائي پنج سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ڪابينا به فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سمورن سرڪاري ادارن ۾ کدڙن فقيرن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ ڏهائي 5 سيڪڙو ڪوٽا رکڻ جي منظوري ڏني وئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته کدڙن فقيرن جي ڪميونٽي کي عام ڪاروهنوار ۽ سرڪاري نوڪرين جي نظام ۾ شامل ڪرڻو آهي. وڏي وزير چيو ته کدڙن فقيرن کي معاشري جو ڪارائتو فرد بڻائڻ گهرون ٿا. وڏي وزير کدڙن فقيرن کي سرڪاري نوڪرين جون درخواستون ڏيڻ لاءِ ڪاغذ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته کدڙن فقيرن جي ڪميونٽي پنهنجي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏئي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d8%b0%d9%88%d8%a7%d9%84%d9%81%d9%82%d8%a7%d8%b1-%d9%85%d8%b1%d8%b2%d8%a7-%d8%ac%d9%8a-%d9%be%d9%bd-%d8%ad%d8%b3%d9%86%d9%8a%d9%86-%d9%85%d8%b1%d8%b2%d8%a7-%d9%85%d9%84%da%aa-%d8%b1%d9%8a%d8%a7%d8%b6/

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *