Wednesday , January 22 2025

سنڌ حڪومت جي نگراني ۾ سکر بئراج جو مرمت ڪيل دروازو لُڙهي ويو

” سکر بئراج جي مينٽيننس ۽ رپيئرنگ لاءِ رکيل سالياني بجيٽ جو رڳو 70سيڪڙو به ايمانداريءَ سان خرچ ٿيندو رهي ها ته بئراج جي هيءَ حالت نه ٿئي: اڳوڻو آبپاشي عملدار

هرسال رکجندڙ بجيٽ صحي نموني خرچ ٿيڻ سان  دروازن سميت بئراج جي ٻين حصن جي مرمت لاءِ ڌار ڪنهن خاص بجيٽ جي ضرورت نه پوندي

سکر ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سکر بئراج جو ڏيڍ ارب رپين جي لاڳت سان مرمت ڪيل دورازو لُڙهي ويو، ساڍا يارنهن لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو برداشت ڪندڙ دروازو هڪ لک کان گهٽ پاڻي جو وهڪرو برداشت نه ڪري سگهيو. سنڌ حڪومت پاران سکر بئراج جي دروازن جي مرمت واري منصوبي تحت دروازي نمبر47 جي ڪرايل مرمت لڙهي وئي،سکر بئراج جو دروازو نمبر47، 20هين ۽ 21هين جون جي وچ واري رات جو سکر بئراج جو دروازو نمبر 47 پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي ويو، آٻپاشي عملو دروازو ڳولڻ ۾ مصروف آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته دروازي جي ڳولاءِ لاءِ آبپاشي کاتي پاران جلد پاڪ فوج جي انجنيئرنگ ڪور کان مدد ورتي ويندي.

سکربئراج جي هڪ عملدار نالي نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته دروازي هٿ ڪري ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هيوي مشينري به طلب ڪئي وئي، پر اڃا تائين ڳولا وارو ڪم شروع ٿي ناهي سگهيو. سکر بئراج جي ان ئي عملدار ٻڌايو ته سکر بئراج جي لڙهي ويل دروازي نمبر 47 جو مرمتي ڪم مڪمل ٿي چڪو هو، جڏهن ته ڪجهه ٻين دورازن جو مرمتي ڪم هلندڙ آهي. آٻپاشي کاتي جي هڪ سينيئر ڪاموري رابطو ڪرڻ تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ” سکر بئراج جي مينٽيننس ۽ رپيئرنگ لاءِ رکيل سالياني بجيٽ جو رڳو 70سيڪڙو به ايمانداريءَ سان خرچ ٿيندو رهي ها ته بئراج جي هيءَ حالت نه ٿئي، هن ٻڌايو ته هرسال رکجندڙ بجيٽ صحي نموني سان خرچ ٿيڻ سان  دروازن سميت بئراج جي ٻين حصن جي مرمت لاءِ ڌار ڪنهن خاص بجيٽ جي ضرورت نه پوندي، پر افسوس ته ان سالياني بجيٽ جو 70سيڪڙو خبر ناهي ته ڪيڏانهن ٿو وڃي“.

آبپاشي عملدارن موجب سکر بئراج وٽان هن وقت سنڌو درياءَ مان پاڻي جو وهڪرو لڳ ڀڳ 88 هزار ڪيوسڪ آهي، سکر بئراج 11 لک 75هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جو وهڪرو برداشت ڪري چڪو آهي، انهن ساڳين دروازن مان ڪيترائي ڀيرا انتهائي وڏي درجي واري ٻوڏ دوران به اُهي دروازا آساني سان پاڻي جو دٻاءُ برداشت ڪري چڪا آهن؛ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته مهينو ڏيڍ اڳ مرمت ڪيل دروازو هڪ لک ڪيوسڪ کان به گهٽ پاڻي جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيو، هن سال چوماسي جي مينهن ۽ مٿين علائقن ۾ برف جي ڳرڻ بعد ڪجهه هفتن کانپوءِ 3 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي گذرڻ جو امڪان آهي ته پوءِ ان صورتحال ۾ ڇا ٿيندو؟

About admin

Check Also

ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان

ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *