Sunday , February 23 2025

سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، وڏو وزير سربراهه هوندو

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت صوبي اندر ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جو سربراهه سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هوندو. وڏي وزير  جي حڪم تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي  ته وڏي وزير 18 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي.

ڪميٽي جو سربراهه سيد مراد علي شاهه هوندو، جڏهن ته ميمبرن ۾ تعليم ۽ قانون جا وزير شامل هوندو. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ به شامل هوندا. ٻارن جي تشدد جي واقعن کانپوءِ  سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ لاءِ گهربل قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قصور ۾ معصوم نينگري زينب واري سانحي کانپوءِ ٻارن کي پنهنجو تحفظ پاڻ ڪرڻ لاءِ به تعليم ڏني ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *