سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، وڏو وزير سربراهه هوندو

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت صوبي اندر ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جو سربراهه سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هوندو. وڏي وزير  جي حڪم تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي  ته وڏي وزير 18 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي.

ڪميٽي جو سربراهه سيد مراد علي شاهه هوندو، جڏهن ته ميمبرن ۾ تعليم ۽ قانون جا وزير شامل هوندو. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ به شامل هوندا. ٻارن جي تشدد جي واقعن کانپوءِ  سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ لاءِ گهربل قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قصور ۾ معصوم نينگري زينب واري سانحي کانپوءِ ٻارن کي پنهنجو تحفظ پاڻ ڪرڻ لاءِ به تعليم ڏني ويندي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *