Wednesday , April 2 2025

سنڌ سميت دنيا جي هندو ڀائرن کي sindhsamaachar.com سٿ پاران ڏياري جون واڌايون

 

مٺي ( ڀاواني راجا سنڌسماءَچار نيوز) سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به هندو برادري به ڏياري جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، ڏياري جو ڏڻ شري رامچندر ڀڳوان جي 14 سال بنواس ڪاٽي واپس پنهنجي گهر ايوديه پهچڻ تي ملهايو ويندو آهي، هي ڏڻ هندو برادري جي سڀني تهوارن کان مٿانهون تهوار سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تي هن ڏينهن تي ڀڳوان شري پنهنجي پيءِ پاران ڏنل وچن پورو به ڪري، لنڪا جي راجا راوڻ کي ماري سيتا ماتا قيد مان آزاد ڪرايو هو.

ديوالي جي هن شڀ  موقعي تي توهان کي پيغام طور ٻڌائيندا هلون ته  ديوالي جو مطلب ديپ يا ڏيئن جي روشني ۾ ڪنهن جو استعقبال ڪرڻ، توهان پنهنجي زندگي ‘‘ديپ’’ يعني ‘‘ڏيئي’’ وانگي بنايو، جنهن جي سگهه ڪيترن ئي غريب توڙي امير گهرن کي روشني مهيا ڪري ٿي. انهي ڏيئي وانگر انصاف ڪرڻ سکو، جنهن جي نظر ۾ غريب توڙي امير هڪ روشني حيثيت رکن ٿا.

اچ گذاريون ديپ وانگي زندگي

ڀل جلون پر روشني ڏيندا رھون.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *