Sunday , February 23 2025

سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس زور وٺڻ لڳو، حڪومت پاران لاڪ ڊائون ڍرو

اڏاوتي شعبي، ايڪسپورٽ سان واڳيل ڪارخانن کانپوءِ گارمينٽس انڊسٽري به کولڻ جون تياريون

ڪراچي (چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جيئن جيئن ڪرونا وائرس زور وٺي رهيو آهي تيئن لاڪ ڊائون کي ڍرو ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت 10 مئي کانپوءِ ريل گاڏيون هلائڻ ۽ ڪاروبار کولڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، ملڪ ۾ وائرس متاثرن جو انگ 22 هزار 500 کان وڌي ويو آهي  525 کان وڌين ماڻهون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. وبائي وائرس جي تيزي سان ڦهلجڻ ۽ انساسني جانيون ضايع ٿيڻ کانپوءِ وائرس جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ بدران وفاقي حڪومت جاري لاڪ ڊائون کي ڍرو ڪري وڌيڪ صنعتون، ڪاروباري شعبا ۽ ريلويز آپريشن کي کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي حڪومت اڏاوتي شعبي کي  ولڻ کانپوءِ روانگي واپار سان لاڳاپيل ڪارخانا ۽ ٻيو ڪاروبار مرحليوار کوليو پيو وڃي. وفاقي حڪومت پاران ڏهين مئي کان ملڪ اندر ريل گاڏيون هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان سڄي ملڪ اندر ماڻهو سفر ڪري سگهندا. روانگي واپار سان لاڳاپيل ڪارخانن ۽ اڏاوتي شعبي کي کولڻ کانپوءِ گارمينٽس انڊسٽري کي به جلد کوليو ويندو.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%da%aa%d8%b1%d8%a7%da%86%d9%8a-%db%bd-%d8%b3%d9%86%da%8c-%da%86%d9%88%da%bb-%d8%aa%d9%8a-%d9%85%d8%b9%d8%a7%d9%81%d9%8a-%d9%88%d9%ba%da%bb-%da%a9%d9%8a-%d9%be%d9%86%d9%87%d9%86%d8%ac%d9%8a/

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *