Sunday , February 23 2025

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فرزانا جمالي کي هيسائڻ جو نوٽيس ورتو، سيشن جج کان رپوٽ طلب

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ نوابشاهه جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي هيسائڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺندي سيشن جج نوابشاهه کان ٽن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ اخبران ۽ ٽي وي چيئنلز تي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي ۽ استاد پاران جنسي طور تي هيسائڻ وارين خبرن جو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ ناوبشاهه جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي هدايت ڪئي آهي ته، معاملي جي مڪمل جاچ ڪري ٽن ڏينهن اندر کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي..

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *