Sunday , February 23 2025

سنڌ هاءِ ڪورٽ2011 دوران53 آفيسرز کي مليل ترقيون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2011ع ۾ وڏي وزير پاران گريڊ 17 ۾ ڪيل 53 آفيسرن جو ترقيون غيرقانوني قرار ڏيندي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ، 2011ع ۾ وڏي وزير پاران گريڊ 17 ۾ آفيسرن کي ڏنل ترقين خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌايو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ مختلف کاتن ۾ ڪيل آفيسرن جي ترقين کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ترقي ماڻيندڙ 53 آفيسرن کي اصل کاتن ۾ واپس موڪلي 11 اپريل تائين عملدرآمد رپورٽ به پيش ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *