سنڌ واسيو اکيون کوليو، ڏڪارجي تلوار مٿان لڙڪي رهي آهي
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڏڪار جي صورتحال، سنڌ حڪومت اقرار ڪري ورتو، پي ڊي ايم اي به الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڏڪار اچي رهيو آهي، زراعت لاءِ ته ڇا پر پيئڻ، پکين، جانورن ۽ ٻين ساهه وارن لاءِ به پيئڻ جو پاڻي اڻپورو هجڻ جو خطرو آهي
ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن سميت حيدرآباد، ٺٽو، بدين، دادو، سکر، گھوٽڪي، خيرپور ميرس ۾ ڏڪار واري صورتحال پئدا ٿيڻ ٿي وئي آهي
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت نيٺ سنڌ ۾ زرعي پاڻيءَ جي شديد کوٽ جو اعتراف ڪري ورتو، سموري سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پئدا ٿي وئي، پيئڻ جي پاڻي جو به بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان ظاهر، سنڌ جي آبپاشي کاتي ۽ صوبائي ڊزاسٽرمئنيجمينٽ اٿارٽي خبردار ڪندي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پئدا ٿيڻ ۽ ڏڪار واري صورتحال پئدا ٿيڻ کي تسليم ڪري ورتو آهي. آبپاشي کاتي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ کاتي آبپاشي کاتي سنڌ ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، اهڙو خدشو ظاهر ڪندي آبپاشي کاتي سمورن چيف انجنيئرز کي هدايت ڪئي آهي ته کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ وارابندي ڪئي وڃي، واران بندي لاءِ هڪ جامع رٿابندي ڪئي وڃي.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن سميت حيدرآباد، ٺٽو، بدين، دادو، سکر، گھوٽڪي، خيرپور ميرس ۾ ڏڪار واري صورتحال پئدا ٿيڻ ٿي وئي آهي. آبپاشي کاتي موجب، شهيد بينظير آباد، نوشهرو فيروز ، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. آبپاشي کاتي موجب برسات تي ڀاڙيندڙ علائقن ۾ برسات جو به امڪان ناهي. تربيلا ڊيم ۾ به پاڻي ذخيرا ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا آهن، سنڌو درياءَ ۾ موجود پاڻيءَ کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ وارابندي ذروري آهي ان لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي. ان سلسلي ۾ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي به پنهنجي هڪ ليٽر نمبر
PDMA (S) /PEOC /01/2025/626 Dated 1-25-2025
۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ربيع مند 2024-2025 دوران تمام گهٽ برسات پوڻ جي نتيجي ۾ 3 مارچ 2025 تائين تربيلا ڊيم ۾ صرف ٻُڙي ڏهائي هڪ ٻڙي ٻه(0.102)ايم اي ايف (ملين ايڪڙ فوٽ) پاڻي بچيو آهي، منگلا ڊيم ۾ ٻُڙي ڏهائي ٻه ٻه ڇهه(0.226) ايم اي ايف پاڻي موجود آهي. پي ڊي ايم اي امڪان ظاهر ڪندي پنهنجي ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته، پاڻي جا اُهي ذخير چئن پنجن ڏينهن اندر ختم ٿي ويندا، جنهن بعد صوبن کي پاڻي جي فراهمي صرف دريائي وهڪرن جي آڌار تي ٿيندي، ان ئي ليٽر جو ذڪر آبپاشي کاتي پڻ ڪيو آهي.
ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، جيڪڏهن دريائن ۾ پاڻي جي آمد جو سلسلو ائين ئي رهيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ50سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.