ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءچار) ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مارجي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، هٿياربندن ڪار سوار کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن مزاحمت ڪئي، ڦورن فائرنگ ڪري ڪار سوار کي قتل ڪري ڀڄي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ پروفيسر زين العابدين جي نالي سان ٿي آهي. علائقي واسين پيڇو ڪري هڪ قاتل کي سوگهو ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …