Saturday , December 21 2024

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، ڪابينا ميار لاهڻ لاءِ صرف 21هزار ايڪڙ ايراضيءَ کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري

ڪارونجهر جبل جي مک ايراضي 24 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ آهي، سنڌ ڪابينا ان مان به 3000/ٽَي هزار ايڪڙ گهٽ ايراضيءَ کي ثقافتي ورثو قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري گزيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي /اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا ۽ پيپلزپارٽي جو ڪارونجهر جبل کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ فيصلو، سنڌ ڪابينا ڪارونجهر جبل جي مک ايريا مان به 3 هزار ايڪڙ گهٽ ايراضي کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مختلف ايجنڊائن تي غور ڪرڻ بعد فيصلا ڪيا ويا. سنڌ ڪابينا سنڌ جي سياحتي، ثقافتي، مذهبي، تاريخي ۽ قومي ورثي ڪارونجهر جبل بابت سنڌ هاءِ  ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جي حڪم تحت ڪارونجهر کي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينا ڪارونجهر بابت عدالتي حڪم تحت ڏنل منظوريءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته “ سنڌ ڪابينا سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جي حڪم تحت ڪارونجهر جبل جي 21 هزار ايڪڙ ايراضيءَ کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جي  منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ ڪابينا ثقافت ۽ سياحت کاتي کي به هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا جي منظوريءَ جِي روشني ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري گزيٽ ۾ به شامل ڪيو وڃي.

سنڌ ڪابينا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي جيئن جو تيئن عمل نه ڪيو

سنڌ ڪابينا 14 سيپٽمبر واري اجلاس ۾ ڪارونجهر جبل / رينج کي ثقافتي ورثو قرار ڏئي محفوظ ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل نه ڪيو آهي. سنڌ ڪابينا عدالتي فيصلي جي ابتڙ ۽ اهو به اڌوري نموني منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينا ڪارونجهر جبل جي ايڪيهه هزار ايڪڙ ايراضيءَ کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. ڪارونجهر جبل جي مک ايراضي 24 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ آهي، سنڌ ڪابينا ان مان به 3000/ٽَي هزار ايڪڙ گهٽ ايراضيءَ کي ثقافتي ورثو قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري گزيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. سنڌ ڪابينا جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جي حڪمن جي نه رڳو ابتڙ آهي پرعمل نه ڪرڻ جي برابر آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوھيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ، حڪم ڏنو هو ته، ڪارونجھر جي سموري رينج کي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي وئي  ھئي، عدالت پنهنجي حڪمن ۾ باربار چوندي رهي آهي ته مائينز اينڊ منرلز کاتو ڪارونجھر رينج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به کوٽائي نه ٿو ڪري سگھي. فيصلي ۾ اھو پڻ  واضح ڪيو ھو ته تاريخي آثارن جي ڳولا لاءِ ٿيندڙ کوٽائي به عالمي اصولن موجب ڪئي وڃي. عدالت، ٻيلي ۽ جھنگلي جيوت کاتي کي ڪارونجھر ۽ ڀرپاسي ۾ وڻڪاري سميت  اُتي رھندڙ پکين، جانورن ۽ ٻين جاندارن جي بچاءَ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ھدايت به ان فيصلي ۾ شامل ھئي. فيصلي موجب ڊي سي ٿرپارڪر ۽ لاڳاپيل حد جي ايس ايڇ  او جين مندرن سميت ٻين تاريخي ورثن کي اصل شڪل ۾ بحال ڪندا.

پنجاب جو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڻي بند ڪرڻ کان کتو جواب، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جون به تياريون

About admin

Check Also

ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم

سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *