ڪراچي رپورٽر. سنڌسماءَچار ڀارتي علائقي گجرات مان برساتي سلسلو سنڌ ۾. داخل ئي ويو، بلوچستان جي جي مختلف علائقن۾ به تيز ھوائن سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڀارتي گجرات مان مان سنڌ جي ڏاکڻين علائقن۾ برسات جو سلسلو داخل ٿي چڪو آهي، گولاڙچي، ڪريو گھنور، ڪوٽ غلام محمد، سميت مختلف علائقن۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي. ڪراچي شهر ۾ به برسات شروع ٿي وئي آهي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، سپر ھاءِ وي، صدر، نارٿ ڪراچي، ڀٽائي آباد، صفوران ڳوٺ سميت مختلف علائقن۾ تيز ھوا سان گڏ وقفي وقفي سان ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. گولاڙچي،ڪڙيو گھنر،سامارو، ڪوٽ غلام محمد، کوسڪي سميت ڀرپاسي وارن علائقن۾ به برسات ۽ تيز ھوائن سان ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي
بلوچستان جي حب، اوٿل، ڪنراج ۽ لسٻيلي سميت ڪيترن ئي علائقن۾ تيز ھوائن سان گڏ وقفي وقفي سان سان برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات کانپوءِ نديون، نئيون۽نالا وھي اچڻ کانپوءِ ٻوڏ جو به امڪان آهي..