سنڌ ۾ آدمشماري، چيف سيڪريٽري جي صدارت ۾ گڏجاڻي

سنڌ جي چييف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ آدمشماري جي انتظامن بابت ٿيل اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملي جي رهائش، آدمشماري ۾ حصو وٺندڙن کي اچ وڃ جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران اهم نقطن تي اتفاق ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ فائيو ڪور جي نمائندن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مارچ تي آدمشماري جي انتظامن جي حوالي سان ڊويزنل ڪمشنرز، ڊي سيز ۽ ٻين آفيسرن جي اجلاس ۾ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

Rizwan

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *