Wednesday , January 22 2025

سنڌ ۾ بي آءِ ايس پي جيان هارين لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت بينظير انڪم سپورٽ جيان هارين جي مالي مدد لاءِ ”هاري ڪارڊ“ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 8 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته، سنڌ حڪومت پارٽي پاليسي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي، عورتن جي مالي سهائتا لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي طرز تي هارين جي به مالي مدد ڪندي جيئن هارين جي پڻ سڌي ريت مالي مدد ڪري سگهجي، هن چيو ته بجيٽ ۾ هارين کي هاري ڪارڊ ڏيڻ لاءِ 8 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجيٽ جي منظوريءَ کانپوءِ جلد ان گتي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو، هاري ڪارڊ ڏيڻ جي طريقيڪار کي شفاف بڻايو ويندو. هن چيو ته ملير ايڪسپريس وي ڪورنگي ۾ هڪ انڪليو ڪمپليڪس قائم ڪرڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، جتي تعليم جي بحالي، هنري سکيا، رهائش، صحت جي شعبي ۽ تفريح سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وينديون.

وڏي وزير سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير ۾ چيو ته، گرانٽس جو 27 سيڪڙو مختلف پروگرامن لاءِ مختص ڪيو ويو آهي. تعليم لاءِ 32 ارب 16 ڪروڙ رپيا، ترقياتي منصوبن لاءِ 559 ارب رپيا، صحت لاءِ 18 ارب رپيا رکيا آحن. وڏي وزير  چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ لاءِ 24 ارب رپيا، ملازمن جي پگهارن لاءِ 728 ارب رپيا، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي مد ۾ 260 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ غير ترقياتي بجيٽ 19سئو ارب، ترقياتي منصوبن لاءِ 959 ارب رپيا جن مان 300 ارب رپيا هلندڙ ترقياتي منصوبن لاءِ رکيا آهن. نئين مالي سال2024_2025جي بجيٽ ۾ گذريل ٻوڏ ۽ برسات سبب تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي / انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 19 ارب رپيا رکيا آهن. وڏي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته عوام کي مختلف شعبن ۾ سبسڊيز ڏيڻ لاءِ 116 ارب رپيا رکيا آهن، جنهن ۾ رمضان پيڪيج به شامل آهي.عوام کي بهتر ۽ جديد سفري سهولتون مهيا ڪرڻ جي پيپلز بس سروس سميت ٻين ٻين منصوبن ٽرانسپورٽ کاتي لاءِ 56 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ ساڍا 34 ارب رپيا رکڻ جي تجويز.

وڏي وزير چيو ته، نئين مالي سال2024_2025جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 55 ا رب 55 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، صحت لاءِ 334 ارب رپيا،  مڪاني ادارن لاءِ 329 ارب رپيا رکيا آهن. زراعت لاءِ 58 ارب رپيا، توانائي واري کاتي لاءِ 77 ارب رپيا رکيا آهن.

About admin

Check Also

ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان

ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *