Sunday , February 23 2025

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ارسا 17 هزارڪيوسڪ واڌو پاڻي سنڌ کي ڏيندي

 IRSA1

ارسا ڊيمن ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ پنجاب ۽ سنڌ کي پاڻي فراهمي وڌائڻ جو فيصلو ڪندي سڀاڻي کان سنڌ کي 17 هزار ۽ پنجاب کي 8 هزار ڪيوسڪ واڌو پاڻي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ارسا موجب سڀاڻي کان سنڌ کي 22 هزار بدران 39 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته پنجاب کي 30 هزار بدران 38 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

ارسا جي پڌرائي موجب بلوچستان پهرين اپريل کان پنهنجا سمورا ڪينال شيڊول موجب بند ڪندو، جڏهن ته سنڌ پاران گڊو بئراج جا ڪئنال توڙي سکر بئراج جي ساڄي ڪپ وارا ڪينال پهرين اپريل کان بند ڪيا ويندا.

IRSA2IRSA4

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي پاڻي کوٽ جو ذميوار پاڻي ۽ بجلي جي وزارت کي قرار ڏيندي سخت احتجاج ڪيو هو ۽ چيو هو ته سنڌ ۾ پاڻي نه آهي ۽ پنجاب جا ڪينال وهايا پيا وڃن، جنهن بعد ارسا سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *