

اڳوڻو آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا – نئون آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي
ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي نئين مقرر ڪيل آءِ جي اجمد جاويد سليمي، اڳوڻي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي ڪارڪردگي کي اڻسڌي طرح سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي، امجد جاويد سليمي چيو آهي ته، سنڌ پوليس جي مختلف شعبن جو پاڻ ئي رابطو نظر نه ٿو اچي، ڪراچي سميت صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو نه پر ٻين ادارن جو ڪردار آهي. سينٽرل پوليس آفيس ۾ ٿيل سندس صدارت هيٺ سنڌ پوليس جي آفيسرز ۽ مختلف شعبن جي سربراهن جي ٿيل اجلاس دوران ڳالهائيندي، آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته، ڪراچي ۾ امن امان پوليس نه پر ٻين ادارن جي ڪوششن سان قائم ٿيو آهي.


سنڌسماءَچار