اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو اعلان، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسلام ۾ مذهبي انتهاپسندي جو تصور نه آهي، سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙڻ تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن، ڪنهن کي به نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين، وفاقي سرڪار سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته افغان تڪرار ۾ڦاسڻ سبب پاڪستان ۾ انتهاپسندي وڌي. هن چيو ته، دنيا انتها پسندي جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، پر اسان جي مذهبي تاريخ ۾ انتهاپسندي ناهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته، اسلام ۾ مذهبي انتهاپسندي جو تصور ناهي، ڪنهن کي نفرت جي پرچار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. فواد چوڌري چيو ته، سوشل ميڊيا تي فتويٰ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته، ڪنهن به تڪرار جي حل لاءِ ڳالهيون بنيادي شرط آهن، ڳالهيون ڪندڙن خلاف فتويٰ جاري ڪئي پئي وڃي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير وفاد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ برداشت جي تاريخ تمام پراڻي آهي.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …