ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن پلان ۽ استحڪام پاڪستان تحت ڀرپور نموني سان عملدرآمد ڪرڻ تي اتفاق، قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جو دهشتگردن ۽ خارجين جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو به فيصلو
اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن پلان ۽ استحڪام پاڪستان تحت ڀرپور نموني سان عملدرآمد ڪرڻ تي اتفاق، قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جو دهشتگردن ۽ خارجين جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو به فيصلو، قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ افغانستان ۾ شدت پسند دهشتگرد گروهن سان هر قسم جِي همدردي جَي اظهار جي مذمت، دهشتگردي جي حامين خلاف سخت ڪارروائي واري عزم جو به ورجاءُ، اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جي اِن ڪئمرا اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، بچاءُ واري وزير خواجا آصف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس آءِ عاصم ملڪ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزيرن، پارلياماني پارٽيز جي اڳواڻن توڙي ميمبرز، چئني صوبن جي گورنرز، وڏن وزيرن ۽ ٻين جي شرڪت شرڪت، ڪميٽي دهشتگرد نيٽ ورڪس ختم ڪرڻ، دهشتگردن جي لاجسٽڪ سپورٽ جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي فوري عملدرآمد ڪرڻ ۽ سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ تي زور ڀريو، سوشل ميڊيا تي دهشتگردي کي هٿي ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش، جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪميٽي چيو ته ادارن کي قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قومي سلامتي جي معاملن ۾ مڪمل آزادي هئڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 2018 واري نااهل حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل روڪي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مليل ڪاميابين کي ضايع ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اڄ قوم ڀوڳي رهي آهي، پاڪستان اڄ فيصلائتي موڙ تي بيٺل آهي، هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي کي خطاب ڪندي چيو ته اجلاس جو مقصد به دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽڻ لاءِ جٽادار حل ڪڍڻ آهي، دهشتگردن خلاف فورسز جون ڪارروايون فخر جوڳيون آهن.