سکر (رپورٽر سنڌسماءَچار) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سکر جي احاطي اندر ڇنڇر ڏينهن صبح جو جوابدارن اوچتو فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربندن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب، هڪ جوابدار گرفتار. سيشن ڪورٽ سکر جي احاطي اندر هٿياربندن ان وقت اوچتو فائرنگ ڪري ڏني جڏهن صالح پٽ جي رهواسين وچ ۾ زمين جي تڪرار جو ڪيس جي شنوائي ٿيڻ واري هئي ۽ پوليس ان ڪيس ۾ گرفتار ڪيل هڪ جوابدار مصري شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهي هئي. ان دوران مخالف ڌر جي جوابدار جندل شاهه فائرنگ ڪري جندل شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙ جوابدار جندل شاهه کي ٻڌي ورتو.فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زم،ين جي مالڪي جو نتيجو آهي، ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ آهي.
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …