سينيٽ چونڊون، پنجاب مان پي ٽي آءِ جو چوڌري سرور کٽي ويو، ڪي پي مان سميع الحق هارائي ويو ۽ پ پ جا 2 اميدوارڪامياب

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار نيوز) سينيٽ جي چونڊن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين ۾ 3 وڏا اپ- سيٽ ٿيا آهن. ڪي پي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جو نامزد اميدوار جي يو آءِ (س) جو سربراهه ۽ تحريڪ انصاف جي ويجهي ساٿي مولانا سميع الحق کي ناڪامي ٿي آهي. مولانا سميع الحق کي رڳو 3 ووٽ ملي سگهيا آهن. ٻي طرف سينيٽ جي چونڊڻ ۾ پنجاب اسيمب لي ۾ به ن ليگ کي وڏو چچڪو لڳو آهي. پنجاب ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ پنجاب جو اڳوڻو گورنر چوڌري سرور سينيٽر چونڊجي ويو آهي. پي ٽي آءِ جي اميدوار چوڌري سرور کي پنجاب م،ان سڀ کان وڌيڪ ووٽ به مليا آهن. جنهن تي ن ليگ ۾ وڏي ڪاوڙ پکڙيل آهي.چوڌري سرور کي سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ گهربل 40 ووٽن بدران 44 ووٽ مليا، جنهن تي پي ٽي آءِ ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.

ڪي پي اسيمبلي ۾ وري هڪ ٻيو وڏو اپ – سيٽ اهو به ٿيو آهي ته، خيبر پختونخواه اسيمبلي مان پاڪستان پيپلز پارٽي جا 2 سينيٽرز چونڊجي ويا آهن، جتي وري پي ٽي آءِ کي پريشاني وڪوڙي وئي آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *