Wednesday , April 2 2025

سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻي پ پ کان کسجي وئي

اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ تڪرار پ پ کي ناڪامي تي ناڪامي جي طرف ڌڪيندو رهي ٿو، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي سيٽ کسجڻ کانپوءِ سينيٽ مان به اپوزيشن ليڊر واري سيٽ واپس ورتي وئي آهي. نون ليگ سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ سينيٽ چيئرمين شيري رحمان کي اپوزيشن ليڊر واري سيٽ تان ڊي نوٽيفائيڊ ڪندي کيس هٽائي ڇڏيو آهي. جنهن کانپوءِ ن ليگ پاران سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ نامزد ڪيل راجا ظفر الحق کي مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سينيٽ چيئرمين پاران اڄ سومر ڏينهن سڏايل اجلاس ۾ راجا ظفرالحق سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر طور شرڪت ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *