اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي بنياد تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڏڻي دوران عدالت ايف آءِ اي کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي هن ڪيس ۾ ڇو شامل ڪيو ويو آهي، مراد علي شاهه هڪ صوبي جو وڏو وزير آهي ان کي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. عدالت بلاول ۽ مراد علي شاهه جا نالا جي آءِ ٽي مان ۽ ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان فوري طور تي ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ايف آءِ اي ضرورت محسوس ڪري ٿي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه کي ڌار سمن جاري ڪري سگهي ٿي.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …