اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ۾ هڪ ڪيس جي شنوائي دوران جڏهن وڪيل ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته، شنوائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪندڙ ڌر تي 50 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڏنڊ واري رقم جمع ڪرائڻ واري حڪم تي ٻنهي ججز ڌار ڌار هدايت ڪئي. جسٽس گلزار احمد رقم ڀاشا ڊيم جي اڏاوت واري فنڊ ۾ جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي بئنچ جي ٻئي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پهرين تجويز جي ابتڙ چيو ته ڏنڊ واري رقم ڊيم فنڊ ۾ نه پر اها ڏنڊ جي 50 هزار رپين واري رقم ايڌي فائونڊيشن ۾ جمع ڪرائي وڃي. جنهن تجويز سان جسٽس گلزار احمد به بعد ۾ اتفاق ڪيو.
Check Also
“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …