Wednesday , April 2 2025

شاذر شمعون، غلام حيدر جمالي ۽ سيد علي رضا خلاف نيب ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

Ghulam Hyder Jamali 1 Ali Raza NBP

نيب جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاران بورڊ آف روينيو سنڌ جي اڳوڻي سينئر ميمبر، شاذر شمعون، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا خلاف ڪرپشن ڪيسز جا ڌار ڌار ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيب جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس چيئرمين قمرالزمان چوڌري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا سميت ٽن اعليٰ عهدن تي رهندڙ آفيسرز خلاف ڪرپشن ڪيسز جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ نيب جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاران بورڊ آف روينيو سنڌ جي اڳوڻي سينئر ميمبر، شاذر شمعون، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا خلاف ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *