Wednesday , January 22 2025

شهيد اجمل ساوند جي خون جي نيلامي ۽ خورشيد شاهه-اصغر آزاد

سال2004کانپوءِ سنڌ ۾ ٿيل هر جرڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف آهي، ان ئي فيصلي ۾ واضح ٿيل آهي ته “اڄ کانپوءِ(ان فيصلي جي تاريخ کان) ڪو به جرڳو توهين عدالت هوندو، جنهن خلاف پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن جرڳن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا پابند هوندا

جيڪڏهن هُو چاهي ته دنيا جي ڪنهن سُڌريل ملڪ ۾ ڪروڙين رپين جي پگهار، اڻ ڳڻين سهولتن ۽ تحفظ سان خوبصورت زندگي گذاري ها. اڄ اسان هتي ويهي وڏي فخر سان چئون ها ته، ” سنڌ ڄائو پروفيسر اجمل ساوند فلاڻي ڪي ڍينگڙي ملڪ جي ڦلاڻي يونيورسٽي يا ڪمپني ۾ اهم پوسٽ تي پهچي ويو، سلام آهي اجمل ساوند کي. پر هُن جي ذهن ۾ ڪجهه ٻيو هو، هن شايد پهريان ئي طئي ڪري ڪمپيوٽرٽيڪنالوجيءَ جي آرٽيفيشل انٽيليجينس ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي هئي ته، هُو سنڌ جي شعور، علم، جديد ٽيڪنالوجيءَ جي واڌاري لاءِ آءِ بي  اي سکر جهڙي اداري ۾ اچي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو، جيئن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين کي جديد علم جي روشني طرف وٺي وڃي. هن ڪري به ڏيکاريون، پنهنجو پاڻ ۽ ڌرتي جي ماڻهن سان اجتماعي طور ڪيل سندس ڪميٽمينٽ مان اندازو لڳائي سگهو ٿا.

شهيد اجمل ساوند جي قتل خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سخت احتجاج ٿيو، سنڌ جو شعور ته پنهنجي جاءِ تي پر هَرَ هاري، تغاري مزدور جيڪو پنهنجي ۽ ٻڇڙن جي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ پنهنجي ڌُن ۾ هو انهن جي اڪثريت به احتجاج ڪيو، شهيد اجمل جي قتل کي روشن مستقبل ۽ علم جو قتل سمجهي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

پر جيڪڏهن قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ جي خلاف هو ته هن ملڪ جو قانون، قانون جا رکوالا، قومي اسيمبلي، سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ويٺل سنڌ جا سينيٽرز توڙي ٻيا چونڊيل نمائندا ئي مخالف هئا.

ان جو ثبوت اهو آهي ته ساوند_سندراڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ قبيلائي دهشتگردي ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل کانپوءِ پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ هاڻوڪو ايم اين اي خورشيد شاهه پهرين ڏينهن کان معاملو راڄوڻي جرڳي ذريعي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو، جنهن ۾ غوث بخش مهر، سندراڻي سردار، ناصر شاهه، غوث بخش مهر، عابد جتوئي سميت ٻيا ڀوتار شامل آهن. اهڙيون ڳالهيون ته ڪافي وقت کان ٻڌڻ ۾ اينديون هيون پر گذريل ڏينهن4جولاءِ تي خانڳڙهه ۾ ٿيل جرڳي کان ڪجهه ڏينهن، جرڳي دوران توڙي ان بعد مختلف ماڻهن جي زباني منظر تي آيل ڳالهين مان پڪ ٿي.

ٿورڙي گهڻي سمجهه رکندڙ ماڻهو ڪنهن انسان جو قتل ته ڇا پر ڪنهن بي زبان جانور جو شڪار ڪرڻ يا مارڻ جي حمايت نه ڪندو. آءُ صرف هڪ تصور ذهن ۾ رکي رُڳو سوال خاطر پڇڻ ٿو چاهيان ته، ڇا خورشيد شاهه، غوث بخش مهر، مير عابد جتوئي، شبير بجاراڻي، عابد سندراڻي سميت ڪو به سردار، ڀوتار، سياسي پنڊت، مولانا، مفتي جي پٽ، ڀاءُ، پٽ يا ڪنهن به ٻئي گهر ڀاتي جو قتل ٿي وڃي ته ڇا اُهي قاتلن کي گرفتار ڪرائي عدالتن ذريعي انجام تائين پهچائڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪندا؛ يا ايف اءِ آر داخل ڪرائڻ کانسواءِ يا ڪيس داخل ٿيڻ باوجود به قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪرڻ بدران جرڳو ڪري “ خون بها ” وٺي قاتلن سان “ کير کنڊ” ٿي ويندا؟.

اهو به ياد هجڻ گهرجي ته2004کانپوءِ سنڌ ۾ ٿيل هر جرڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف آهي، ان ئي فيصلي ۾ واضح ٿيل آهي ته “اڄ کانپوءِ(ان فيصلي جي تاريخ کان) ڪو به جرڳو توهين عدالت هوندو، جنهن خلاف پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن جرڳن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا پابند هوندا“.

ساوند_سندراڻي تڪرار جو جرڳو، ڌرين تي ڇهه ڪروڙ36لک رپيا ڏنڊ مقرر

About admin

Check Also

قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد

ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *