Monday , April 7 2025

شهيد بشير خان قريشي جي13هين ورسي، جسقم پاران اهم اعلان جو امڪان

رتوديرو / ڪراچي ( خاص نمائندو / آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سنڌ جي ” وڏي “ جو عوامي لقب ماڻيندڙ ۽ جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي شهادت کي13 ورهيه وهامي ويا، اڄ شهيد بشير خان قريشيءَ جي تيرهين ورسي ملهائي پئي وڃي، رتو ديرو ۾ سندس آخري آرامگاهه جي گرائونڊ تي ورسيءَ جي تقريب جون تياريون مڪمل آهن، جسقم پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڌرڻو هڻڻ جي اعلان جو امڪان، جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان قريشي پاران به ورسي جي تقريب ٿيندي، فيض گنج ۽ نوشهرو فيروز سميت مختلف شهرن ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ۽ گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي شهيد چيئرمين، ”وڏي“ جو عوامي لقب ماڻيندڙ شهيد بشير خان قريشيءَ جي اڄ تيرهين ورسي ملهائي پئي وڃي، شهيد بشير خان قريشيءَ ورسي اباڻي شهر رتوديرو ۾ سندس آخري آرمگاهه ڀرسان گرائونڊ تي ملهائي ويندي. جسق پاران شهيد بشير خان قريشيءَ جي ورسي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جتي رات دير کان سموري سنڌ مان ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي.

شهيد بشير خان قريشي جي ورسي جي موقعي تي ٿيندڙ جلسي  کي جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. جسقم چيئرمين جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته جسقم چيئرمين اڄ ورسي جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي زمينن تي والار وارن منصوبن خلاف اهم اعلان ڪندو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، جسقم پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ پنجاب سرحد تي ڌرڻي جو به اعلان ڪري سگهي ٿو.

ان سلسلي ۾ اها به ڄاڻ ملي آهي ته جسقم چيئرمين جي سربراهي ۾ سندس رهائش گاهه تي ٿيل اجلاس ۾ پارٽي جي يونٽ، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي نئين سِر جوڙجڪ لاءِ اليڪشن به ڪرائڻ واري معاملي تي به غور ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب جسقم جي ڪجهه اليڪشن ڪرائڻ وارو معاملو سائين جي ايم سيد جي ورسي تائين ملتوي ڪيو وڃي، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته جسقم جي ڪجهه اڳواڻن ۽ صنعان خان قريشي جي ويجهن ماڻهن ڌرڻي واري فيصلي جي به مخالفت ڪئي وئي آهي.

ٻي طرف جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان قريصشي پاران فيض گنج ۾ مرڪزي اڳواڻ شاذ خادم، زاهد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڪاچانگ شهر جي مين چوڪ تي ڏيئا ٻاري شهيد بشير خان قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ شهرين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

About admin

Check Also

ڪئنالن بابت سنڌي ميڊيا غلط خبرون هلائي رهي آهي: وڏو وزير سنڌي ميڊيا تي ڏمرجي پيو

وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌي ميڊيا تي ڏمرجي پيو، وڏي وزير ڪي ٽي اين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *