Saturday , February 22 2025

شهيد بشير خان قريشي پاڻ چوندو هو ته، جسقم پيراڻي گادي نه آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

حيدرآباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ پيدا ٿيل اختلافن پيدا ٿيڻ، جسقم ترجمان جي بيان ۽ صنعان خان قريشي جي بنا نالو کڻڻ جي شهيد بشير خان جي ويجهي ساٿي ۽ قومي  تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جو موقف به سامهون اچي ويو آهي، ڊاڪٽر نياز  ڪالاڻي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ انقلابي پارٽي آهي، شهيد بشير خان قريشي پاڻ چوندو هيو ته جسقم پيراڻي گادي ناهي، پر اها هڪ انقلابي جماعت آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جسقم اندر پارٽي جون چونڊون نه ڪرائڻ تي سوال اٿاريندي پهريون ڀيرو واضح طور چيو آهي ته پارٽي جي آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته، پارٽي جون 8-8 سال چونڊون نه ڪرايون وڃن. اسان جيئي سنڌ قومي محاذ کي مضبوط ۽ منظم ڏسڻ چاهيون ٿا. ڊاڪٽر نياز ڪالڻي چيو ته، مون کي خبر ناهي ته انقلابي پارٽيون ذاتي ملڪيت ٿينديون آهن پر اها هاڻي خبر پئي آهي، هنن جي مرضي آهي جيڪا وڻين ڳالهه ڪن.

 

جيئي سنڌ قومي محاذ اندر خاموش اختلاف منظر تي اچي ويا

 

About admin

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *