ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار)شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي ۽ نامياري ليکڪ فاطمه ڀٽو چيو آهي ته هڪ تڪراري شخص کي خراج پيش ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽويٽ فاطمه ڀٽو چيو آهي ته،شاهد حيات هڪ تقراري شخص جنهن جي نالي سان هڪ پوليس ڪاليج منصوب ڪيو ويو، هو بابا مير مرتضيٰ جي قتل ۾ نامزد هو. مون هنن جي انهن ڳالهين کي ڪڏهن به ناهي وساريو، هنن اڳوڻي پوليس آفيسر شاهد حيات جي کي ڀيٽا پيش ڪندي پوليس ٽريننگ سينٽر سعيد آباد جو نالو تبديل ڪري شاهد حيات جي نالي سان منصوب ڪيو ويوآهي، هنن کي سدائين منهنجي بابا جي قاتلن سان همدردي رهي آهي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …