حيدرآباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) حيدرآباد ۾ قتل ڪيل سنڌ جي مزاحمتي شاعر شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جو ڪيس سندس هنج ورتل پٽ وشال لطيف انصاري تي داخل، شهيد جي ماروٽ جان محمد ابراهيم انصاريءَ جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ سيوَن اَي ٽِي اَي تحت داخل ڪيو ويو. حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني واري علائقي ۾ گذريل ڇڇر تي گهر اندر بيدردي سان قتل ڪيل سنڌ جي مزاحمتي قومي شاعر شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شهيد جي ماروٽ جان محمد ابراهيم جي فريادت تي ڀٽائي نگر ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ شهيد آڪاش انصاري جي هنج ورتل پٽ وشال امير کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ايف آءِ آر ۾302،201 جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي سندس هنج ورتل پٽ وشال لطيف قتل ڪيو آهي، جوابدار وشال لطيف خلاف پئسن جي چوري جو ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ ملڪيت جي معاملي تي به ناراض هو.
جوابدار تيز ڌار واري اوزار سان ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ کي قتل ڪيو، جوابدار آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد ڏوهه لڪائڻ باهه ڏيڻ جو ڊرامو ڪيو، هن لاش تي پيٽرول هاري تذليل ڪري خوف پکيڙيو. شهيد آڪاش انصاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ وقت فريادي جان محمد انصاري وڪيل سليمان ڏاهري، جامي چانڊيو ۽ ٻيا پڻ ٿاڻي تي موجود هئا.