Sunday , February 23 2025

شڪارپور ۾ مڙس زال کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

شڪارپور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) شڪارپور جي هاءِ اسڪول-2 جي علائقي ۾ مڙس زال کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، عورت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال منتقل، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عورت جو 5 سيڪڙو کان وڌيڪ جسم سڙي متاثر ٿيو آهي. شڪارپور شهر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد هاءِ اسڪول نمبر 2 واري علائقي جي رهواسي جوابدار عبدالصمدشيخ گهريلو تڪرار تان زال صوبيا کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن بعد مٿس گاسليٽ هاري مارڻ جي ڪوشش ڪئي. عورت صوبيا باهه لڳڻ بعد پاڻ بچائڻ لاءِ گهران نڪري گهٽي ۾ پهچي رڙيون ڪرڻ لڳي. عورت جي اڀ ڏاريندڙ رڙين تي پاڙي وارن پهچي عورت کي لڳل باهه وسائي ورتي، جنهن بعد کيس سکر منتقل ڪري سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. صوبيا جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، صوبيا جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ جسم سڙي متاثر ٿيو آهي، سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *