صوبائي محتسب فرزانا جمالي کي هيسائڻ جو نوٽيس ورتو، پروفيسر عامر خٽڪ کي نوٽيس جاري
Asghar Azad
September 19, 2018
سنڌ
1,140 Views

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌجي صوبائي محتسب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي هيسائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي يونيورسٽي جَي وي سي ارشد سليم ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ کي 24 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ٻنهي ڄڻن کي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ جي محتسب اعليٰ بينطير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه ۾ شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي يونيورسٽي جي وي سي ۽ ليڪچرارکي طلب ڪري ورتو آهي. محسب اعليٰ سنڌ شهيد بينظير آباد جي وي سي ارشد سليم ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ کي 24 سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي. محتسب اعليٰ يونيورسٽي جي وي سي ۽ ليڪچرار کان واقعي بابت 5 ڏينهن ۾ جواب پڻ طلب ڪيو آهي.