صوبائي وزير مڪيش ڪمار جون هدايتون، ايڪسائيز کاتي جا عملدار جميل سومرو جي ورڪ ۾ جنبي ويا

صوبائي وزير مڪيش ڪمار جون هدايتون، ايڪسائيز کاتي جا عملدار جميل سومرو جي ورڪ ۾ جنبي ويا

لاڙڪاڻو/ڪراچي(خاص نمائندو/اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ويجهو ايندي ئي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، پ پ اميدوار جميل سومرو جي چونڊ سرگرمين لاءِ سنڌ حڪومت جا وسيلا به استعمال ڪيا پيا وڃن. جميل سومري جي چونڊ مهم لاءِ مختلف کاتن جي وزيرن ۽ صلاحڪارن پاران پنهنجي پنمهنجي کاتي جي ضلعي آفيسرز / ڊائريڪٽوريٽ عملدارن کي به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اُهي جميل سومرو جي چونڊ مهم هلائين. ان سلسلي ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ايڪسائيز کاتي جي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو ( ٽيڪسز/موٽررجسٽريشن) کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته جميل سومرو جي چونڊ مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *