نقطئه نظر
عبدالقيوم ٻاٽ
ملڪ سان آمر ضياءُ الحق ۽ خاص طور تي سنڌ سان جيڪو ظلم ڀٽو جي باقيات ڪيو آهي، شايد ايترو ضياءُ الحق به پنهنجي حياتيءَ ۾ نه ڪيو هجي، ٻه شخصيتون، ٻه ڪردار ٻئي هڪٻئي جو ضد پر بدقسمتي سان سنڌ توڙي سنڌين جي لاءِ ضياءَ ۽ ڀٽو جي باقيات جي سوچ ساڳي آهي، ضياءَ جي باقيات نوازشريف جي صورت ۾ سنڌ کي سور ڏنا آهن ته ڀٽو جي باقيات آصف زرداريءَ جي صورت ۾ سنڌ سان گهٽ نه ڪئي آهي، سنڌ جا رستا تباهه آهن، اسڪول بند پيل آهن، اسپتالون ڪوس گهر بڻيل آهن ۽ ويچارو سنڌي لاوارث نظر اچي رهيو آهي پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اها باقيات اڃا ڪيترو وقت هن ملڪ ۽ سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ٿي…؟…!!