Monday , December 30 2024

عدالتي پابندي باوجود صدر آصف زرداري پاران قبيلائي سردارن جو جرڳو سڏائڻ جو اعلان

صدر آصف زرداري جي دوري دوران سکر جا 4 اهم رستا ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين عام ٽريفڪ لاءِ بند رکيا ويا، جنهن سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ٽريفڪ جام هجڻ سبب مسافر گاڏين سان گڏ ايمبولينسز به ڦاٿل رهيون ۽ مريض پريشان رهيا

سکر ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جرڳن تي پابندي باوجود، ملڪ جي صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ هلندڙ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جرڳا ڪرئڻ جو اعلان ڪيو آهي، آصف زرداري ڪمشنر هائوس سکر ۾ امن امان بابت اجلاس دوران قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ خيبرپختونخواه ۽ افغانستان جي قبيلائي لويا جرڳن جيان سنڌ ۾ به قومي جرڳا ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، پهرين مرحلي ۾ قبيلائي سردارن جو قومي جرڳو ڪرايو ويندو.

سکر جي هڪ ڏينهن واري دوري تي پهتل صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال، سنڌو درياءَ تي گهوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پل ۽ بئراج جي در نمبر ستيتاليهه سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سنڌ پوليس، پاڪ فوج ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ جا عملدار به شريڪ ٿيا.

اجلاس دوران ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جرڳا ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، صدر آصف علي زرداري سڀ کان پهريان قبيلائي سردارن جو جرڳو گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته قبيلائي سردارن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته قبيلائي سردارن جو جرڳو پنهنجن پنهنجن علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ، امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ ڏوهن جي روڪٿام ۽ علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ مقامي آبادي سان ڳالهيون ڪندو.

( ياد هجي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪنهن به قسم جي جرڳن تي پابندي لڳل آهي)

آصف زرداري جو چوڻ هو ته ڪچي علائقي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي حالت کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي، ڪچي ۾ روڊ، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچو بڻائڻ کي ترجيحي بنيادن تي بهتر ڪيو وڃي. صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته، ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، پهريان رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ڏوهارين کي آهستي آهستي قومي ڌارا ۾ آندو ڪري ملڪ جا ذميوار ۽ با اثر شهري بڻايو وڃي.

 

About admin

Check Also

نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي

ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *