Wednesday , April 2 2025

عدليه مان ”گاڊ فادر“ جهڙا لفظ ايندا ته جواب به ٻڌڻ ۾ ايندا: عاصمه جهانگير

اسلام آاباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليوارِي قانوني ماهر  ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير چيو آهي ته عدليه مان گاڊ فادر جهڙا لفظ ايندا ته پوءِ جواب به ٻڌڻ لاءِ ضرور ملندا، عدليه کي وضاحتون ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصمه جهانگير چيو ته هو انساني حقن لاءِ ڪم ڪري ٿي تڏهن به ماڻهو مٿس تنقيد ڪن ٿا ۽ عدليه مان جيڪڏهن گاڊ فادر جهڙا لفظ ٻڌڻ لاءِ ايندا ته پوءِ ڇا جواب نه ايندو.

هن چيو ته مناسب ناهي ته ماتحت عدليه ڪرپٽ آهي، اعليٰ عدليه زيادتي ڪندي ته عوام ڪيڏانهن ويندو، رڳو تقريرن مان ڪم نه هلندو. عاصمه جهانگير چيو ته مناسب ناهي ته جج شفافيت جا دليل ڏين، عدليه کي وضاحتون ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.

عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته عدليه کي اهو چوڻ گهرجي ها ته قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت گڏ هلن ٿا.هن چيو ته عزت هوندي يا وري نه هوندي آهي پر ڪَرائي ناهي ويندي، پارليامينٽ ڪم نه ڪندي ته عدليه کي ڪم ڪرڻو پوندو جهڙا جملا ته جرنل ڳالهائيندا آهن جيڪي چون ٿا ته سويلين پنهنجو ڪم صحيح نه ڪندا ته هو اچي ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *