اسلام آباد جي احتساب عدالت فليگ شپ ريفرنس کانپوءِ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ لنڊن فليٽس واري ريفرنس ۾ به نوازشريف، سندس پٽن حسن، حسين، ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر کي به 19 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو، اثاثي ڪيس ۾ جاچ لاءِ اسحاق ڊار به 20 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد جي احتساب عدالت فليگ شپ ريفرنس کانپوءِ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ لنڊن فليٽس واري ريفرنس ۾ نوازشريف، سندس پٽن حسن، حسين، ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر کي 19 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.
احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي لنڊن فليٽس ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ نوٽيسز جاري ڪندي 19 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 19 هين سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي، جڏهن ته لنڊن فليٽس ريفرنس ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ڌار ڌار نوٽيسز جاري ڪندي 19 هين سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. احتساب عدالت لنڊن فليٽس ريفرنس ۾ مريم نواز، حسين ۽ حسن نواز کي به طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت، العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس، لنڊن فلٽس ڪيسن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس پٽن حسين، حسن نواز کي طلب ڪيو آهي. واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي گهرواري ڪلثوم نواز جي علاج سبب لنڊن ۾ موجود آهي.