عطاءُ الحق قاسمي پي ٽي وي جو ايم ڊي ڪئين بڻيو- سپريم ڪورٽ رپوٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرن  گ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪستان ٽيليويزن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي مقرري ۽ ان کي 27 ڪروڙ رپين جا مالي فائدا ڏيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ايم ڊي پي ٽي وي عطا الحق قاسمي جي مقرري خلاف داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عطاءَ الحق قاسمي کي ٻن سالن دوران 27 ڪروڙ رپيه ڏنا ويا، پوءِ چون ٿا ته عدليه متحرڪ نه ٿي، ڇا اهڙي قسم جو پيڪيج عطاءَ الحق قاسمي کي ڏئي سگهجي ٿو، مون کي سمورو قصو ئي ڊرامو لڳي رهيو آهي ڇو ته اڳوڻي وزيراعظم کي سمري منظور ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو وڃي. سيڪريٽري اطلاعات مشتاق سکيرا ٻڌڻي دوران عدالت جي پڇاڻي تي چيو ته منهنجي خيال ۾ اها مقرري مناسب نه هئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان عطاءَ الحق قاسمي جي مقرري کي غير قانوني ڇو نه ٿا چئو، اهو غريبن جي ٽيڪس جو پئسو هو، رقم ڏيڻ ۽ وٺندڙ رقم جي واپسي جا ذميورا هوندا، اسان عطاءَ الحق قاسمي کان رقم وصول ڪنداسين. عدالت اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد،  وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد، عطاءَ الحق قاسمي، صبا محسن ۽ اڳوڻي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ نديم حسن آصف سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 12 فيبروري تي ٿيندي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *