Sunday , February 23 2025

غوثپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، ايم پي اي عابد ڀيو جو سئوٽ مارجي ويو

ڪشمور / غوثپور ( خاص نمائندا    سنڌسماءَچار) غوثپور ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي عابد ڀيو جو سئوٽ مارجي ويو. ڳوٺ مارک ڀيو ويجهو انڊس هاءِ وي تي اڻڄاتل هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڀڄي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پارٽي جي ايم پي اي مير عابد ڀيو جو سئوٽ ۽ سينيئر وڪيل نور الاهي سندراڻي مرڻينگ ٿي پيو جنهن کي پهريا ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس شروعاتي طبي امداد ڏئي سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. نور الاهي سندراڻي ايڊووڪيٽ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، جتان نور الاهي سندراڻي جو مڙهه ڪشمور واپس نيون ويو آهي، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويندو. انس سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، قتل جو ڪارڻ اڃا معلوم ناهي ٿيو ۽ نه ئي مارجي ويو نور الاهي جي وارثن ڪجهه به ناهي ٻڌايو، وارثن پاران اڃا ڪيس به داخل ڪرائڻ لاءِ ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو.

About admin

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *