فريال ٽالپر به يو اي اِي جو اقامو رکندڙ نڪتي

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر وٽ به يونائيٽيڊ عرب امارات (يو اَي اِي ) جو اقامو سامهون اچي ويو آهي. اقامي مطابق فريال ٽالپر يو اي اي جي هڪ نجي ڪمپني جي ڊائريڪٽر آهي. فريال ٽالپر جي اقامي بابت لاڙڪاڻي جي معظم عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن   ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، فريال ٽالپر پنهنجو اقامو ظاهر نه ڪيو هو ۽ اڄ تائين ان کي لڪائيندي رهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي درخواستگذار معظم عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي آهي ته،  فريال ٽالپر کي جولاءِ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

لاڳاپيل هي خبر به پڙهي سگهو ٿا

https://sindhsamaachar.com/2018/05/29/%D8%A7%DA%B3%D9%88%DA%BB%D9%8A-%DA%AF%D9%87%D8%B1%D9%88-%D9%88%D8%B2%D9%8A%D8%B1-%D8%B3%D9%87%D9%8A%D9%84-%D8%A7%D9%86%D9%88%D8%B1-%D8%B3%D9%8A%D8%A7%D9%84-%DA%A9%D8%A7%D9%86%D9%BE%D9%88%D8%A1%D9%90/

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *