Thursday , April 3 2025

فشر مين ڪوآپريٽو سوسائيٽي ۾ 400 ملازمن جي غير قانوني ڀرتي ۽ ڪرپشن، گرفتار 4 جوابدار رمانڊ تي نيب حوالي

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار ) ڪراچي جي احتساب عدالت فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 4 جوابدارن کي  10 جنوري تائين رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾ 400 کان وڌيڪ ملازمن کي غير قانوني ڀرتي ڪرڻ ۽ 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران گرفتار ڪيل جوابدار گل منير، ابوبڪر، شوڪت بلوچ ۽ حاجي ولي خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي اڳوڻي چيئرمين سلطان قمر صديقي ۽ نثار مورائي خلاف الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت گرفتار 4 جوابدارن کي 10 جنوري تائين رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيوآهي.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *