فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) فض گنج جي ڳوٺ سانگهڙ جو ويرو ۾ زمين تڪرار تان راڄپر ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇانيل. فيض گنج جي اڪري چودڳي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سانگهڙ جو ويرو ۾ بروهي ۽ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي راڄپر برادري جو حاجي محمد علي راڄپر ۽ بروهين واري ڌر جو قربان بروهي مارجي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا صبحان علي راڄپر، ڀورل بروهي، غلام شبير لاشاري ۽ غلام حسين لاشاري به شامل آهن، علائقي واسين ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ زمين جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تا اڄ خوني جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا. ٻن ڄڻ جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءَ وارو ماحول آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا ۽ پوليس پرامن علائقي ۾ خوني واقعي جو نوٽيس وٺي وڌيڪ ڪنهن به نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
