فيض گنج (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيض گنج ۾ ڳوٺاڻن پوليس ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ڳوٺ کنياري جي رهواسين محمد ڪوڙل ڪلهوڙو، علي حسن، جعفر، منظور ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر ماڻهن سندن گهر ۾ گهڙي نياڻي وحيده ڪلهوڙو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران هڪ جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، پر پوليس ان خلاف ڪيس داخل نه ڪيو آهي. هنن چيو ته اڪري پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.
Tags faiz ganj villagers protest faiz ghganj protest protest villagers faiz ganj
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …