ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) حيدر آباد جي عدالت فنڪشنل ليگ اڳواڻ سائره نصير قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پٽ ۽ سندس زال کي 8 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار جي پيءُ ظهير شاهه جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سندس پٽ تي تشدد ڪري زبردستي اعترافي بيان ورتو ويو آهي. سائره نصير جي قتل ڪيس ۾ جوابدار پٽ فهد ۽ سندس زال صدف کي پيش ڪيو ويو، جتي سندن وارثن ساڻن ملاقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کين روڪي ورتو. پوليس پاران عدالت کي چالان پيش ڪرڻ جي مهلت گهري وئي، جنهن بعد عدالت جوابدار پٽ ۽ سندس زال کي 8 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. جوابدار جي پيءُ ظهير شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کين پوليس جاچ تي اعتماد نه آهي، فهد پنهنجي ماءُ جي قتل ۾ ملوث نه آهي هن کان تشدد ڪري اعترافي بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو.
Tags PML F leader Sairah Naseer murder Sairah Naseer PML F
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …