Wednesday , April 2 2025

قلندرشهباز جي مزار ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي فرياد داخل

sehwan incident4 sehwan incident3

قلندرشهباز جي مزار تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي فرياد داخل ڪئي وئي آهي، سرڪاري مدعيت ۾ ٻن ڏينهن بعد فرياد داخل ڪئي وئي آهي.

سيوهڻ ٿاڻي تي داخل ڪيل فرياد ۾ چيو ويو آهي ته قلندر شهباز جي مزار تي گشت دوران 4 شڪي ماڻهن کي مزار جي احاطي اندر ڏٺو ويو، پيٽرولنگ ٽيم ڊيوٽي تي موجود عبدالعليم کي هدايت ڪئي وئي ته شڪي ماڻهن جي تلاشي وٺي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ، جيئن ڪانسٽيبل عبدالعليم شڪي ماڻهن مان هڪ  کي تلاشي ڏيڻ لاءِ بيهڻ جو چيو ته ان دوران زوردار ڌماڪو ٿي ۽ مزار اندر ۽ احاطي ۾ موجد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، مزار جي احاطي ۾ 4 شڪي ماڻهو جيئن ئي داخل ٿيا ته ڪجهه لمحن ۾ 3 ٺڻن هڪ شخص کي ڀاڪر پائي ان کان موڪلايو ۽ ڌماڪي ٿيڻ بعد اهي باقي 3 ماڻهو به ڌماڪي سبب ٿيل صورتحال سبب گم ٿي ويا.

 

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *